چيف جسٽس آذربائيجان روانو، جسٽس منيب قائم مقام چيف جسٽس

چيف جسٽس آذربائيجان روانو، جسٽس منيب قائم مقام چيف جسٽس

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 18 مئي کان 25 مئي تائين ملڪ کان ٻاهر هوندو.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي پرڏيهي دوري سبب جسٽس منيب اختر وقتي چيف جسٽس جو ڪم ڪندو.جسٽس منيب اختر سڀاڻي وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان جو حلف کڻندو.حلف برداري جي تقريب سپريم ڪورٽ جي ججز بلاڪ ۾ صبح 10:30 وڳي ٿيندي.جسٽس يحيٰ آفريدي جسٽس منيب اختر کان وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان جو حلف کڻندو.حلف برداري واري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جا جج ۽ سينيئر وڪيل به شرڪت ڪندا.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سڀاڻي آذربائيجان روانو ٿيندو، جتي هو اي سي او ملڪن جي چيف جسٽسن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو