گھوٽڪي (ن س ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو آهي ته مستقبل نوجوانن جو آهي اڄ مان چيف جسٽس آهيان سڀاڻي ڪو بيو هوندو هي هڪ تسلسل آهي جيڪو جاري رهندو ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ نوجوانن وڪيلن کي ايمانداري سان محنت ڪرڻ گهرجي اهڙن خيالن جواظهار هن ضلعو بار گهوٽڪي کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته نوجوانن وڪيلن کي جديد گهرجن مطابق محنت ڪرڻ گهرجي کين اسان جي ڀيٽ ۾ سکڻ جا وڌيڪ موقعا آهن هن چيو ته جوڊيشل ميجسٽريٽ جي ڀرتين جو عمل جاري آهي چند مهينن اندر سنڌ ۾ ججن جي کوٽ کي ختم ڪيو ويندو هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان جي ويزن مطابق ڊسٽرڪت اينڊ سيشن جج گهوٽڪي سميت ميرپور ماٿيلو ڏههرڪي ۽ اوٻاوڙو جي عدالتن کي ٻن مرحلن ۾ سهولتون ڏنيون وينديون اهڙي طرح ضلعي بار مير پور ماٿيلو ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙُوبار کي سهولتون فراهم ڪيو وينديون جن ۾ اي لائبريري ، 6 ڪلو واٽ جا سولر پلانٽ ، واٽر ڊسپينسر وومين سيٽنگ ۽ ايئرڪنڊيشن سهولتون هونديون ان مقعي تي هن چيو ته سنڌ جي سرحد ضلعن ۾ امن امان جو مسئلو آهي ۽ جڏهن بد امني هجي ته روزگار جي موقعا ناهن پيدا ٿيندا ان حوالي سان هن گهوٽڪي جي جج کي هدايت ڪئي ته امن امان لاءِ عوام سان اجلاس ڪريو ان موقعي تي هن ڊسٽرڪت ينڊ سيشن جج کي هدايت ڪئي ته ضلعي جي عدالتن ۾ ڪلارڪ ۽ لوور اسٽاف جي ڀرتين جو عمل شروع ڪيو وڃي جيئن عملي جي کوٽ پوري ڪري سگهجي هن کان اڳ چيف جسٽس نئين تعمير ٿيل عدالتن جي ٻن عمارتن ۽ عورتن لاءِ انتظار گاه جو افتتاح ڪيو عدالت جي آڳر ۾ ٻوٽو لڳايو ۽ عمارتن جو موائنو ڪيو










