ڄامشورو: (ن س) ڄامشورو ضلعي ۾ ڪوٽڙي اوور هيڊ پل جي ويجهو هڪ تيز رفتار ڊمپر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، هڪ 16 سالن جو موٽرسائيڪل سوار شهباز چانڊيو تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس موقعي تي پهچي نوجوان جي لاش کي ڪوٽڙي جي بلاول ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي کان پوءِ ڊمپر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ۽ ان جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. مقتول شهباز جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










