ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صوبائي وزير منصوبابندي ۽ ترقي ڄام خان شورو ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسز ايما فين سان ملاقات ڪئي. چيئرمين منصوبابندي ۽ ترقي سنڌ سيد نجم احمد شاهه، ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڊپٽي ڪنٽري ڊائريڪٽر اسد عليم ۽ ماهر سلطان احمد پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقات دوران صوبي ۾ جاري ۽ ايندڙ ترقياتي منصوبن، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ عوامي ڀلائي سان لاڳاپيل منصوبن تي تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ترجمان موجب، ايشيئن ترقياتي بينڪ جي وفد صوبائي وزير کي ٻڌايو ته بينڪ وٽ سنڌ لاءِ لڳ ڀڳ 2 ارب آمريڪي ڊالرن جا مختلف ترقياتي منصوبا آهن. انهن منصوبن ۾ سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ، سنڌ ۾ نرسنگ ورڪ فورس کي مضبوط ڪرڻ جو منصوبو، پائيدار ٽرانسپورٽ سيڪٽر جا منصوبا، مهارت جي ترقي جا قدم، هائوسنگ منصوبا ۽ سامونڊي علائقن جي تحفظ سان لاڳاپيل پروگرام شامل آهن.صوبائي وزير ڄام خان شورو ايشيئن ترقياتي بينڪ جي مسلسل مدد جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته منصوبن کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن انهن تي عمل درآمد وقت تي شروع ٿي سگهي. چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ سنڌ سيد نجم احمد شاهه چيو ته روڊن ۽ عمارتن جي تعمير سان گڏ عوامي ڀلائي، مهارت جي ترقي ۽ انساني وسيلن جي بهتري تي خاص ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. جنهن تي ايشيئن ترقياتي بينڪ جي وفد سنڌ حڪومت سان تعاون جاري رکڻ ۽ ترقياتي منصوبن ۾ مڪمل مدد جو يقين ڏياريو.










