مٺي: (ن س) ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ ٽي ٻار فوت ٿي ويا، جنهن سان هن مهيني فوت ٿيندڙ ٻارن جو انگ 46 ٿي ويو آهي، ذريعن موجب فوت ٿيندڙ ٽي ٻار سول اسپتال مٺي ۾ علاج هيٺ هئا. ايم ايس سول اسپتال مٺي موجب، فوت ٿيندڙ ٽي ٻار هڪ سال کان گهٽ عمر جا هئا.پيدائش وقت ٻارن جو وزن گهٽ هو، 70 گنجائش واري پيڊياٽرڪ وارڊ ۾ 76 ٻار علاج هيٺ آهن، والدين سنڌ جي وڏي وزير کان اسپتال ۾ طبي سهولتون بهتر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.










