پيٽرول اگھن ۾ گھٽائي ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي، شيخ

پيٽرول اگھن ۾ گھٽائي ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي، شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ گھر ڪئي آھي تہ حڪومت تيل جا اگھ عالمي منڊيءَ مطابق گھٽائي عوام کي رليف ڏيئي نئين سال جو تحفو ڏي. ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، اي چالان توڙي يوٽيلٽي بلن،تيل سميت حڪومت طرفان ھر شيءِ تي ٽيڪسن جي ڀرمار عوام جي زندگي زھر بڻائي ڇڏي آھي. ايترا ٽيڪس ڏيڻ جي باوجود امن تعليم صحت جون سهولتون خريد ڪيون وڃن ٿيون، دنيا جي ھر جمھوري ملڪ ۾ صحت تعليم جون سهولتون مفت فراھم جڏھن تہ شھرين جي جان و مال جي حفاظت ۽ ھر ماڻھوءَ کي عدل وانصاف ڏيڻ حڪومتي فرض سمجھيو وڃي ٿو. ھن اڄ ھڪ بيان ۾ چيو تہ حڪومت سميت ٽرانسپورٽ توڙي واپاري جڏھن تيل جي اگھن ۾ اضافو ٿئي ٿو يڪدم اگھ چوٽ چاڙهي ڇڏين ٿا پر جڏھن عالمي منڊيءَ ۾ گھٽتائي ڪئي ويندي آھي تہ ان جو فائدو عوام کي نٿو پھچايو وڃي. انڪري حڪومت نہ صرف تيل اگھ گھٽائي پر ان جو فائدو بہ عوام تائين پهچائڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ قدم کڻي.ھن وقت بہ حڪومت ھڪ ليٽر تي ھڪ سو رپين کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪري رھي آھي. پيٽرول اگھن جي گھٽ وڌائي سان ٽرانسپورٽ سميت کاڌي پيتي وارين شين جي اگھن ۾ فرق پوي ٿو. غربت، بيروزگاريءَ توڙي مھنگائي جي ڪري عام ماڻهو جو زندھ رھڻ بہ مشڪل ٿيندو پيو وڃي. ھن وقت جڏھن عالمي منڊيءَ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 5ڊالر ۽ ڊيزل جي قيمت م 4 ڊالر کان وڌيڪ جي گھٽتائي اچي چڪي آھي. ان ڪري حڪومت پنھنجون عياشيون ختم ڪري عوام کي زندھ ۽ عزت سان رھڻ جو حق ڏي. عالمي منڊيءَ جي مطابق تيل اگھ گھٽائي عوام کي نئينءَ سال جو تحفو ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو