ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مقامي عدالت عورت جي شڪايت تي پينو فقيرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ڪراچي جي ايڊيشنل سيشن جج غربي ۾ شهر جي روڊن ۽ ٽريفڪ سگنلن تي پينو فقيرن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت شهر جي سمورن سگنلز تي پينو فقيرن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت چيو ته پينو فقيرن ۽ سندن سهولتڪارن کي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.ايڊيشنل سيشن جج چيو ته پينو فقيرن وارو ڪاروبار ڪندڙ نيٽ ورڪ ٺاهڻ وارن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي، عدالت جي حڪم تي سڄي شهر ۾ ڪرپشن خلاف ڪارروائي ڪري تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جڏهن ته عمل ڪرائڻ جي ذميواري عدالت جي آهي. ڪراچي پوليس چيف کي حڪم ڏنو وڃي ته ڊي آءِ جي مشرقي ۽ مغربي زون آهي.عدالت چيو ته سمورا آفيسر عدالتي حڪم تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي هر مهيني فوڪل پرسن جي مقرري ۽ ڪارروائي بابت رپورٽ پيش ڪري، گداگري خلاف قائم اداري کي فعال بڻايو وڃي. عدالت ڊي جي چائلڊ پروٽيڪشن بيورو کي هدايت ڪئي ته ٻارن سان زيادتي جي روڪٿام لاءِ پوليس سان تعاون ڪيو وڃي، پوليس ۽ چائلڊ پروٽيڪشن بيورو، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي ڪارروائي لاءِ آن لائين ڪيو وڃي.عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته معاشي مجبوري سان گڏ انساني اسمگلنگ جهڙن سببن کي به ختم ڪيو وڃي.










