جيڪب آباد: (ن س) جيڪب آباد ۾ پيش امام طرفان کٿابي کي بدفعلي جو نشانو بنائڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي جنهن کان پوءِ پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ حبيب الله جمالي ۾ جوابدار بخش علي بنگلاڻي نينگر تبارڪ کي مسجد اندر بدفعلي جو نشانو بڻايو، اهڙي واقعي جي مولاداد ٿاڻي تي کٿابي تبارڪ جي چاچي جي فرياد تي جوابدار بخش علي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ جوابدار کي گرفتار ڪري سيڪنڊ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ جيڪب آباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي پوليس جوابدار جي ريمانڊ جي استدعا ڪئي عدالت جوابدار کي 7 ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.










