پي ٽي آءِ کي ڳالهين تي حقيقت پسندي سان عمل ڪرڻ گهرجي

پي ٽي آءِ کي ڳالهين تي حقيقت پسندي سان عمل ڪرڻ گهرجي

سکر (ن س )سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پي ٽي آءِ کي صلاح ڏني ته هو ڳالهين ۾ حقيقت پسند هجي.سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته پي ٽي آءِ جي ڳالهين تي سياست هميشه تضادن سان ڀريل رهي آهي، پي ٽي آءِ کي هميشه پنهنجي ڳالهه تي قائم نه رهڻ جي عادت رهي آهي.هن چيو ته هو پي ٽي آءِ کي چوندو ته هڪ شخص جي پويان سياست نه ڪري، ماڻهن احتجاج طور کيس ووٽ نه ڏنو.سنڌ جي وڏي وزير، برطانيه ۾ پاڪستاني قونصليٽ جي سامهون احتجاج دوران ڌمڪيون ڏيندڙن جي مذمت ڪندي چيو ته هو انهن جي خالي ڌمڪين ۾ نه ڦاسندو.

پهنجو تبصرو موڪليو