اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي استعيفيٰ بابت درخواست غير موثر قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ تحريڪ انصاف جي استعيفيٰ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.2014ع ۾ شاهد اورڪزئي پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو ته 2013 جي اسيمبلي جو مدو پورو ٿي چڪو آهي، استعيفيٰ جي درخواست غير موثر ٿي چڪي آهي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ درخواست کي غير موثر قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.










