پي ٽي آءِ جو سيڪريٽريٽ ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم

پي ٽي آءِ جو سيڪريٽريٽ ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽريٽ کي فوري طور تي ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس تمن رفعت امتياز محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ عدالت چيو ته سي ڊي اي 2022 ۽ 2023 ۾ اڳوڻي مالڪ کي نوٽيس جاري ڪيا هئا، ان جي وضاحت نه ٿي سگهي ته پراڻي مالڪ کي نوٽيس ڇو موڪليا ويا،عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته نوٽيس جي وصولي يا شوڪاز نوٽيس جي ڪا به وصولي رڪارڊ تي ناهي، سي ڊي اي جي آفيس سيل ڪرڻ جو حڪم پي ٽي آءِ کي نه لکيو ويو ۽ نه ئي ڪاپي موڪلي وئي.عدالت پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ کي فوري طور تي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن قانون جي ڀڃڪڙي آهي ته سي ڊي اي ڪارروائي ڪري سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو