پي اين ايس سي جهاز حادثو، عملي جو ميمبر فوت

پي اين ايس سي جهاز حادثو، عملي جو ميمبر فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن (پي اين ايس سي) جي هڪ جهاز تي هڪ حادثو پيش آيو آهي جيڪو متحده عرب امارات جي فجيره پورٽ کان پيٽرول کڻي رهيو هو.پي اين ايس سي ذريعن موجب، حادثو جهاز جي هڪ ٽينڪ جي صفائي دوران پيش آيو، جتي هڪ عملدار ميمبر لاپرواهي سبب فوت ٿي ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ جهاز جو پمپ مين پڻ زخمي ٿيو آهي، پر سندس حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.پي اين ايس سي ذريعن موجب، فوت ٿيل عملدار ميمبر جو لاش گوادر پورٽ کان سندس اباڻي ڳوٺ ڀڪر موڪليو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو