دادو (ن س )دادو ۾ پوليس مقابلي ۾ نوجوان جي موت تي نوجوان نادر جمالي جي وارثن مخدوم بلاول جي ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو.ڌرڻي جي نتيجي ۾ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. مظاهرين پوليس اهلڪارن سان گڏ ايس ايس پي کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا.ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته نادر جمالي جو ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. 6 جنوري تي ايريگيشن ڪالوني ۾ جوابدار نادر جمالي جي فائرنگ ۾ ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا.ايس ايس پي موجب، جوابدار 7 جنوري تي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو.










