ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ رمضان المبارڪ مهيني جي موقعي تي تيار ڪيل جامع سيڪيورٽي ڪنٽيجنٽ پلان جو اعليٰ سطحي جائزو اجلاس/ويڊيو لنڪ ڪانفرنس سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ منعقد ٿي، جتي پهچڻ تي جاويد عالم اوڍو سندس استقبال ڪيو. گهرو وزير اجلاس کي خطاب ڪندي رمضان المبارڪ دوران عوام کي هر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ ٽريفڪ جي مسئلن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته افطاري ۽ سحري جي وقت شهرين کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي جو منهن نه ڏسڻو پوي. هن هدايت ڪئي ته جامع ٽريفڪ مئنيجمينٽ پلان تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، اهم شاهراهن تي واڌو نفري مقرر ڪئي وڃي ۽ غير قانوني پارڪنگ خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي. گهرو وزير واضع ڪيو ته ضلعي ايس ايس پيز ٽريفڪ پوليس کي مڪمل سهڪار فراهم ڪن ته جيئن افطار پوائنٽس، مسجدن، امام بارگاهن، مزارن، درگاهن ۽ واپاري مرڪزن جي آس پاس ٽريفڪ جي رواني برقرار رکي سگهجي. هن ڪراچي جي سمورن انٽري پوائنٽس تي سخت چيڪنگ، (پنڻ وارن فقيرن) ۽ مشڪوڪ ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون، اسنيپ چيڪنگ، موبائل گشت ۽ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جي هدايت پڻ جاري ڪئي. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته پنڻ وارن فقيرن کي حراست ۾ وٺي سندن اباڻن شهرن ڏانهن واپس موڪليو وڃي ۽ سڄي شهر ۾ سرپرائز وزٽس ذريعي سيڪيورٽي انتظامن جو پاڻ جائزو ورتو ويندو. هن ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم تحت سي سي ٽي وي مانيٽرنگ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ حساس هنڌن تي وڌيڪ نفري مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي زور ڏنو ته رمضان المبارڪ دوران زيرو ٽالرنس پاليسي تحت امن امان تي مڪمل ڪنٽرول يقيني بڻايو وڃي. گهرو وزير سمورن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته گڏيل حڪمت عملي، پاڻ ۾ سهڪار ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن جي اثرائتي استعمال ذريعي سڄي صوبي ۾ امن امان جي فضا کي هر صورت ۾ برقرار رکيو وڃي ته جيئن رمضان المبارڪ جي برڪت واري مهيني ۾ شهرين کي پرامن ماحول ميسر ٿي سگهي. اجلاس ۾ آئي جي سنڌ پاران رمضان المبارڪ جي ٽنهي عشرن تي ٻڌل سيڪيورٽي ڪنٽيجنٽ پلان جي اوليتن، حساس هنڌن جي درجي بندي، نفري جي مقرري، انٽيليجنس ڪوآرڊينيشن ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول ميڪنزم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. هن ٻڌايو ته تراويح، جمعة المبارڪ، يومِ قدس، حضرت علي رضه جي شهادت جو ڏهاڙو، طاق راتين ۽ عيدالفطر سميت سمورن اهم موقعن تي فول پروف سيڪيورٽي اپاءَ يقيني بڻايا پيا وڃن، جڏهن ته ٻئي عشر ۾ مارڪيٽن ۾ وڌندڙ رش کي نظر ۾ رکندي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي.اجلاس ۾ ايڊيشنل آئي جيز ڪراچي، اسپيشل برانچ، آپريشنز سنڌ، زونل ڊي آئي جيز، ڊي آئي جي ٽريفڪ، ضلعي ايس ايس پيز ڪراچي ۽ اي آئي جي آپريشنز شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ لاڳاپيل ايس ايس پيز ويڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا ۽ پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ رمضان المبارڪ مهيني جي سيڪيورٽي حڪمت عملي بابت آگاهي ڏني.










