ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سانحو گل پلازا هڪ افسوسناڪ ۽ ڏکوئيندڙ واقعو آهي، جنهن تي هر اک اشڪبار ۽ هر پاڪستاني غمگين آهي. هي غم رڳو پونئرن جو نه پر اسان سڀني جو آهي، ۽ جنهن اذيتن مان متاثر خاندان گذري رهيا آهن، ان ڏکئي گهڙيءَ ۾ سنڌ حڪومت انهن سان گڏ بيٺل آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سانحي جي پهرين ڏينهن کان سنڌ حڪومت هڪ نقطي واري ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي ته ملبي ۾ موجود سڀئي لاش ڪڍيا وڃن. ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرايا پيا وڃن، حڪومت کي 86 گم ٿيل ماڻهن بابت معلومات ملي چڪي آهي، جڏهن ته باقي ماڻهن جي ڳولها جاري آهي ۽ انتظاميا رات ڏينهن ڪم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته فوت ٿيلن جي وارثن کي هڪ هڪ ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا ۽ سنڌ حڪومت 1200 دڪاندارن جي نقصان جو ازالو ڪندي. ماضي ۾ ٽمبر مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ ۽ عاشوريٰ جي موقعي تي بولٽن مارڪيٽ سڙڻ جي واقعن ۾ به سنڌ حڪومت چيمبر آف ڪامرس وسيلي نقصان جو اندازو لڳرائي متاثر دڪاندارن کي معاوضو ڏنو هو ۽ هن ڀيري به هڪ منظم نظام تحت ايمانداري سان ازالو ڪيو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته انساني جان جي ڪا قيمت نٿي لڳائي سگهجي. حڪومت چاهي ٿي ته اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين. فائر فائٽنگ دوران هڪ فائر فائٽر شهيد ٿيو آهي ۽ حڪومت سندس گھر وارن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن ٻڌايو ته پهرين جنوري 2024 تي آڊٽ رپورٽ پيش ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ سڀني دڪانن کي نوٽيس موڪليا ويا هئا، ۽ ان وقت نگران وزيراعليٰ موجود هو. هن چيو ته هن باھ لڳڻ جي شفاف جاچ لاءِ هڪ ڪميٽي کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، جيڪا باهه لڳڻ جا سبب، ريسڪيو ۾ ڪوتاهي ۽ ٻين عملن جو جائزو وٺندي. اسان سڀ ڪميٽي جي رپورٽ جا منتظر آهيون. شرجيل انعام ميمڻ موجب چيمبر آف ڪامرس جي وفد وزيراعليٰ سنڌ سان ملاقات ڪئي آهي ۽ سڀني عمارتن ۾ فائر سيفٽي يقيني بڻائڻ جي حمايت ڪئي آهي. جڏهن ته سڄي پاڪستان ۾ اندازي مطابق نوي سيڪڙو عمارتن ۾ فائر سيفٽي جو نظام موجود ناهي ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ وقت مخالفت کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن چيو ته هڪ جماعت ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي؛ ڇا اهڙي صورت ۾ اهڙا واقعا نه ٿيندا؟ اهي ئي جماعتون آهن جن ماڻهن کي جيئرو ساڙيو. عاشوريٰ واري سانحي ۾ بولٽن مارڪيٽ کي باهه توهان لڳائي ۽ علاج حڪومت ڪيو. اڄ به متاثر لاشن جا منتظر آهن ۽ توهان سياست ڪري رهيا آهيو.هن چيو ته 12 مئي تي ماڻهن کي چونڊي چونڊي قتل ڪيو ويو، بندوقن جو نشانو بڻايو ويو، ۽ اڄ به ان سانحي تي پوائنٽ اسڪوئرنگ ڪئي پئي وڃي، جڏھن تہ ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي، ۽ گل پلازا ۾ هر طبقي جا ماڻهو خريداري لاءِ ايندا هئا. هن ٻڌايو ته هن مصطفىٰ ڪمال جون پراڻيون وڊيوز به پيش ڪيون ۽ چيو ته جڏهن هو ميئر ڪراچي هئا ته سندن لهجو ڪجهه ٻيو هو. هو ماضي ۾ پنهنجي قائد لاءِ وڙهندا هئا ۽ هاڻي ساڳئي قائد خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اهي ماڻهو پنهنجا قائد بدلائيندا رهن ٿا. مصطفىٰ ڪمال جي هر ڳالهه جو منهن ٽوڙ جواب مون وٽ موجود آهي. هو وفاقي وزير صحت آهن، کانئن پڇيو وڃي ته هو گل پلازا ڪيتريون ڀيرا ويا آهن. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته توهان جي قائد جي هڙتالن دوران روزانو سئو ماڻهو ماريا ويندا هئا، تڏهن ضمير ڇو نه جاڳيو؟ انسانيت ڇو ياد نه آئي؟ اسان جي ترجيح اها آهي ته پهرين پونئرن کي لاش ڏنا وڃن، پوءِ آزاداڻي جاچ ڪئي وڃي ۽ ذميوارن کي قانون موجب سزا تائين پهچايو وڃي. اٺارهين ترميم خلاف خواجه آصف ۽ مصطفىٰ ڪمال جي بيانن بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن مخالفت آهي ته اسيمبلي ۾ وڃو، ٽي وي تي ﻭﺍﻭﻳﻼ ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه وڏي دل رکي آهي، سڀني کي معاف ڪيو ۽ موقعو ڏنو. 2008 کان 2013 تائين ڪو به سياسي قيدي نه هو. اسان هر دور ۾ جيلون ڪاٽيون آهن ۽ صدر پاڪستان جو نائن زيرو وڃڻ رڳو انتشاري سياست جي خاتمي لاءِ هو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گل پلازا جي فارنزڪ جاچ ۽ تخريبڪاري جي عنصر بابت تحقيق جاري آهي. رپورٽ اچڻ ڏيو، جيڪڏهن منهنجو به نالو آيوتھ مونکي بھ بخش نھ ڪيو وڃي.










