پشاور (ويب ڊيسڪ)ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ پشاور ۾ يونيورسٽي روڊ تي سي ٽي ڊي پوليس اسٽيشن ۾ ڌماڪي جي واقعي جي رپورٽ تيار ڪئي آهي.رپورٽ موجب، سي ٽي ڊي پوليس اسٽيشن جي گودام ۾ صبح 7:58 تي ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي سان پوليس اسٽيشن جي عمارت کي سخت نقصان پهتو. ڌماڪي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل بلال شهيد ۽ 3 اهلڪار زخمي ٿيا.ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته زخمي پوليس اهلڪارن ۾ ڪانسٽيبل زيت الله، مدثر ۽ محمد اياز شامل آهن. زخمي پوليس اهلڪارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.رپورٽ موجب، گودام ۾ 2025 ۾ جوابدارن کان هٿ ڪيل شيون هيون. گودام ۾ 2 ڪلوگرام بارود، 23 دستي بم ۽ 7 گرنيڊ ليور هئا.ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گودام ۾ 60 رائفلون ۽ 10 ڪلوگرام هاءِ ايڪسپلوزيبل ۽ 2 خودڪش جيڪٽون هيون. 42 اليڪٽرڪ، 10 نان اليڪٽرڪ ڊيٽونيٽر، هڪ آر پي جي شيل ۽ هڪ آئي اي ڊي ڊيوائس هئي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گودام ۾ پرائما ڪنڊ، سيفٽي فيوز، بيٽريون ۽ بجلي جون تارون رکيون ويون هيون.










