ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڌاٻيجي واري هنڌ تي ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي پاڻي سپلاءِ جي لائن ڦاٽڻ سان گڏ سائيٽ ۽ ٻين انڊسٽريل ايرياز کي زمين جو پاڻي سپلاءِ ڪندڙ ٺيڪيدارن به هڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب انڊسٽريل ايريا ۾ ڪاروبار سخت متاثر ٿي ويو.انهي سلسلي ۾ سائيٽ ايسوسيئيشن جي صدر احمد عظيم ٻڌايو ته سائيٽ جي انڊسٽريز جي روزاني 50 ملين گيلن پاڻي جي طلب آهي جڏهن ته واٽر ڪارپوريشن طرفان صرف هڪ کان 2 ملين پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. ڪارخانا هلائڻ لاءِ ٻئي ضرورت زمين وارو پاڻي سپلاءِ ڪندڙ ٺيڪيدار پوري ڪندا آهن.هن ٻڌايو ته ڌاٻيجي واري هنڌ تي زمين اندر لائن ڦاٽڻ سبب سموري ڪراچي ۾ پاڻي جي سپلاءِ متاثر ٿي آهي. اهڙي صورتحال ۾ انڊسٽريل ايرياز ۾ به پاڻي نه ملي رهيو آهي انهي سان گڏوگڏ ئي پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ زمين وارو پاڻي سپلاءِ ڪندڙن هڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي. مظاهرين جو چوڻ هو ته پاڻي جي بندش سبب سائيٽ جون 4500 فيڪٽريون متاثر آهن پر 1800 اهڙا يونٽ آهن جيڪي پاڻي کان سواءِ نٿا هلي سگهن جيڪي بند ٿي ويا آهن.احمد عظيم موجب سنڌ حڪومت خاص طور تي ميئر ڪراچي کي انهي سلسلي ۾ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻا پوندا. ڇو ته سائيٽ ۾ فيڪٽريون هلنديون ته ملڪ جي معيشت اڳيان وڌندي.










