لاهور (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ايندڙ سالن ۾ موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻو پوندو، ۽ نوان پاڻي ذخيرا تعمير ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي.نارووال ۾ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن ۽ اين ڊي ايم اي عملدارن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته برساتن سبب گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ۾ تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته پنجاب جي ميداني علائقن مان سخت ٻوڏ گذري رهي آهي. اسان سڀني کي ٻوڏ سبب انساني جانين جي نقصان تي افسوس آهي.هن چيو ته پنجاب حڪومت، بچاءُ، پوليس ۽ آبپاشي کاتو ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن لاءِ مان انهن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو. ٽيم ورڪ جي ڪري نقصان گهٽ ۾ گهٽ ڪيو پيو وڃي.










