اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان اسرائيلي پارليامينٽ پاران فلسطين جي قبضي هيٺ اولهه ڪناري کي خودمختياري ڏيڻ جي ڪوشش جي سخت مذمت ڪئي آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ مذمتي بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي پارليامينٽ پاران فلسطين جي قبضي هيٺ اولهه ڪناري کي خودمختياري ڏيڻ جي ڪوشش بين الاقوامي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي.پرڏيهي آفيس چيو ته اسرائيل مسلسل فلسطيني عوام جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، اهي هڪ طرفي قدم امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيا آهن، اهي قدم خطي جي استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهن.پرڏيهي آفيس وڌيڪ چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اسرائيل کي جوابده قرار ڏنو وڃي، اهڙا قدم فلسطين جي حيثيت کي تبديل نٿا ڪري سگهن.پرڏيهي آفيس چيو ته هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام مسئلي جو واحد پائيدار حل آهي، پاڪستان فلسطيني عوام جي خود اراديت جي حق جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.










