پاڪ ڪالوني ۾ مبينا مقابلو،  6 ڦورو مارجي ويا

پاڪ ڪالوني ۾ مبينا مقابلو، 6 ڦورو مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي پاڪ ڪالوني علائقي ۾ هڪ مبينا پوليس مقابلي ۾ ڇهه ڌاڙيل مارجي ويا,ايس ايس پي ڪياماڙي امجد شيخ موجب، مارجي ويل سڀئي ڌاڙيل افغان شهري آهن. ڌاڙيل هڪ گهر ۾ ڦر ڪرڻ لاءِ داخل ٿيا هئا.ايس ايس پي موجب، اطلاع ملڻ تي پوليس فوري ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ ڇهه ڌاڙيل مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي تبادلي ۾ پوسٽ انچارج ۽ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو.ايس ايس پي ڪياماڙي چيو ته مارجي ويل ڌاڙيل گهرن ۾ ڦر جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث هئا. جوابدارن تي ڦر دوران عورتن سان زيادتي جو به الزام آهي. ڌاڙيلن کان هٿيار، ڌماڪيدار مادو ۽ 2 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو