ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ درسي ڪتابن جي ڇپائي جو مقرر ڪيل هدف ڪاميابي سان مڪمل ڪندي تعليمي سال 27-2026 لاءِ 52 لک درسي ڪتابن جا سيٽ تيار ڪري ورتا آهن. سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ڪتابن جي ورهاست جي عمل جو باقاعده افتتاح ڪندي چيو ته نئين تعليمي سال جي پهرين ڏينهن هر شاگرد جي هٿ ۾ نئون ڪتاب هوندو. هن چيو ته ٻارن تي نصابي بار گهٽائڻ ۽ معياري تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ استادن ۽ تعليمي ماهرنِ جي صلاح مشوري سان درسي ڪتابن جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي اهتمام هيٺ ڪراچي جي گورنمينٽ گرلز لوئر سيڪنڊري اسڪول، نيلم ڪالوني، ڪلفٽن ۾ ٿيل افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير خاص مهمانِ طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد علي عباسي، اسپيشل سيڪريٽري ايجوڪيشن عبدالحنان شيخ، چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پرويز احمد بلوچ، ايم ڊي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن گهنور لغاري، سيڪريٽري ايس ٽي بي بي ڊاڪٽر نصرت پروين سهتو، بورڊ ميمبر پروفيسر سيد زوار نقوي، آغا رفيق، ڊاڪٽر ادل سومرو، ڊاڪٽر اسحاق سميجو سميت تعليم کاتي جي آفيسرز، استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻيون شرڪت ڪئي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ تعليمي سال 27-2026 لاءِ “شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٽيڪسٽ بڪ سيريز” هيٺ ارلي چائلڊ ايجوڪيشن ڪلاس کان ڏهين جماعت تائين نصابي ڪتابن جي ڇپائي مڪمل ڪئي آهي، جڏهن ته ڏهين جماعت تائين مجموعي طور 195 ٽائيٽلز ڇپيا آهن. ڪتاب سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ شايع ڪيا ويا آهن. سنڌ جي تعليم واري وزير درسي ڪتابن جي بروقت ڇپائي تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته اداري ذميواري ۽ سنجيدگي جو ثبوت ڏنو آهي. هن چيو ته ڪاغذ تي ٽيڪس ۾ واڌ ۽ ٻين مشڪلاتن باوجود مناسب حڪمتِ عملي سان ڪتابن جي ڇپائي جو عمل وقت سر مڪمل ڪيو ويو، جنهن سان شاگردن کي بروقت تعليمي سهولت ملندي. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪسٽ ڊولپمينٽ بابت قدم جاري آهن ۽ ايندڙ تعليمي سال کان نصابي ڪتابن ۾ تبديليون ڪيون وينديون ته جيئن نصاب کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ ڪري سگهجي. نصاب ۾ تحقيق، سائنسي سوچ ۽ تخليقي صلاحيتن جي واڌاري سان گڏ سائنس، ٽيڪنالاجي، رياضي، ٻولين ۽ معاشرتي علم جھڙا جديد رجحان شامل ڪيا ويندا. ان کان علاوه مذهبي رواداري، باهمي احترام، جينڊر اسٽڊيز ۽ ماحولياتي تحفظ بابت موضوعن تي به خاص ڌيان ڏنو ويندو. سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاھ چيو ته اڳوڻي دورِ حڪومت ۾ سنگل نيشنل ڪيريڪولم جي نفاذ تي زور ڏنو ويو هو، جنهن جي سنڌ واضح ۽ نمايان انداز ۾ مخالفت ڪئي ھئي اڄ اهو موقف درست ثابت ٿي رهيو آهي، ڇو ته هاڻي ٻيا صوبا جيئن پنجاب به مادري ٻولي کي اسڪولن ۾ بطور مضمون پڙهائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ اهو اصولي موقف اڳ ئي اختيار ڪري چڪي آهي. هن چيو ته آئين ۾ مفت تعليم جي ضمانت ڏنل آهي، تنهنڪري ٻارن کي نصابي ڪتابن جي مفت فراهمي به حڪومت جي ذميواري آهي. هن ٻڌايو ته اڄ کان درسي ڪتابن جي ترسيل جو باقاعده آغاز ڪيو ويو آهي، جيڪو پهرين اپريل تائين مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته ڊي اي اوز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪتابن جي بروقت اسڪولن تائين پهچ کي يقيني بڻائين. ان موقعي تي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن سنڌ زاهد علي عباسي چيو ته يونيسڪو سنڌ جي نصاب کي “موسٽ انڪلوسو” قرار ڏنو آهي. هن ٻڌايو ته نصاب کي “لرننگ ٽو ارننگ” مڪينزم مطابق بڻائڻ لاءِ ڪم جاري آهي ته جيئن ٻارن کي مارڪيٽ جي ضرورت مطابق مهارتون مهيا ڪري سگهجن. چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پرويز احمد بلوچ چيو ته درسي ڪتابن جي آن لائن دستيابي کي به يقيني بڻايو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته ايس ٽي بي بي گذريل ٻن سالن ۾ سڀئي هدف ڪاميابي سان حاصل ڪيا آهن ۽ اهو سلسلو ايندڙ وقت ۾ به جاري رهندو. ان موقعي تي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ درسي ڪتاب ورهايا ۽ ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي انهن جي حوصلا افزائي به ڪئي.










