ٺٽي جيل ۾ قيد جوابدار پراسرار طور فوت

ٺٽي جيل ۾ قيد جوابدار پراسرار طور فوت

ٺٽو (ن س) ٺٽي ضلعي جيل ۾ قيد جوابدار علي بخش پراسرار طور تي فوت ٿي ويو، جيل اختيارين موجب، جوابدار خودڪشي ڪئي، جنهن کان پوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو، جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار پنهنجي ڳچيءَ ۾ رسي ٻڌي خودڪشي ڪئي، جنهن جا ثبوت موجود آهن، ٻئي طرف، مقتول جي وارثن الزام لڳايو آهي ته علي بخش پوليس تشدد سبب پنهنجي جان وڃائي ويٺو، وارثن جو مطالبو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ ذميوارن کي سزا ڏني وڃي،پوليس موجب، علي بخش کي موٽرسائيڪل چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو