وهاب خلاف جماعت کي ٽريبونل سان رابطو ڪرڻ جي هدايت

وهاب خلاف جماعت کي ٽريبونل سان رابطو ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي ميئر کي ضمني چونڊ وڙهڻ کان روڪڻ واري درخواست تي جماعت اسلامي کي اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،اليڪشن ٽربيونل کي اعتراضن جو جائزو وٺي فوري فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي،وقتي چيف جسٽس عقيل عباسي رمارڪس ۾ چيو ته اليڪشن جنهن طريقي سان ٿي آهي اسان جي ڄاڻ ۾ گهڻو ڪجهه آهي، معاملو اسان جي سامهون ناهي تنهن ڪري راءِ نه ٿا ڏئي سگهون،وقتي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مڪاني ادارن جي چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل نه پيو ٿئي،جماعت اسلامي جي وڪيل ايڊوڪيٽ عثمان فاروق عدالت جي هدايتن بعد درخواست واپس وٺي ڇڏي، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي

پهنجو تبصرو موڪليو