حيدرآباد (ن س) رمضان جي مبارڪ مھيني دوران موت جي راند رھندڙن ون ويلنگ ڪندڙن خلاف راھوڪي پوليس سخت ڪارروائي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.ايس ايس پي حيدرآباد جي ھدايت تي پوليس ون ويلنگ ڪندڙ نوجوانن خلاف ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون آھن، روزاني جي بنياد تي نوجوان نسل ۾ وڌنڌڙ ون ويلنگ ڪيترائي گھر اجاڙي ڇڏيا، ون ويلنگ جي نتيجي ۾ ھميشه جاني نقصان ٿيا آھن.ٽنڊو ڄام روڊ تي ون ويلنگ جي شڪايت ملڻ تي ايس ايس پي حيدرآباد نوٽيس ورتو ۽ ڪارروائي جو حڪم ڏنو، اڄ ايس ايڇ او راھوڪي پنھنجي ٽيم سان گڏجي ڪارروائي ڪندي ون ويلنگ ڪندڙ 12 نوجوانن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.حيدرآباد پوليس ون ويلنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي، ايس ايس پي حيدرآباد والدين کان اپيل ڪئي آھي ته پنھنجي ذميوارين کي سمجھن ۽ پنھنجي ٻارن جي ون ويلنگ جھڙي موت جي راند کان روڪين. ٻئي طرف حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد علمدار چوڪ تي پوليس نوجوانن کي روڪي سزا جي طور تي کين اُٿ ويھ ڪرائي ۽ سزا ڏيڻ کان پوءِ کين ڇڏيو ويو.










