وفاقي حڪومت پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ  ڪري ڇڏي

وفاقي حڪومت پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت جي پينشنرن جي پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.هي واڌارو رٽائرڊ شهري، هٿياربند فوج، ۽ سول هٿياربند فوج جي پينشن وٺندڙن تي لاڳو ٿيندو.ناڻي واري وزارت موجب، پينشن ۾ واڌ پهرين جولاءِ 2025 کان لاڳو ٿيندي، ۽ اها انهن پينشنرن تي به لاڳو ٿيندي جيڪي پهرين جولاءِ 2025 تي يا ان کان پوءِ رٽائر ٿين ٿا.ناڻي واري وزارت جي هڪ نوٽيفڪيشن موجب، گذريل 3 سالن کان خالي سڀئي آساميون بند ڪيون وينديون، ۽ نئين آساميون پيدا ڪرڻ تي پابندي برقرار رهندي.هلندڙ مالي سال ۾ هر قسم جي سرڪاري گاڏين، مشينري، سامان جي خريداري، سرڪاري خرچ تي ملڪ کان ٻاهر طبي علاج ۽ سرڪاري خرچ تي غير ضروري پرڏيهي دورن تي پابندي جاري رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو