هنگو ۾ 2 ڌماڪا، ايس پي سميت 4 اهلڪار شهيد

هنگو ۾ 2 ڌماڪا، ايس پي سميت 4 اهلڪار شهيد

هنگو (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواه جي هنگو ضلعي ۾ بم ڌماڪي ۾ سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس پي) آپريشنز اسد زبير سميت ٽي پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، آءِ جي خيبر پختونخواه ذوالفقار حميد ٻڌايو آھي ته ڌماڪي ۾ ايس پي آپريشنز اسد زبير جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس موبائل ڪلٽي ٿي، ڊي ايس پي امجد حسين چيو ته باليمينا ۾ غلمينا چيڪ پوسٽ خالي هئي، دهشتگردن خالي چيڪ پوسٽ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ۽ ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي ايس پي آپريشنز اسد زبير پنهنجي پارٽي سان گڏ موقعي تي پھتا،هن چيو ته بليمينا ۾ ٻيو زوزدار ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ ايس پي ۽ هڪ پوليس آفيسر مارجي ويا ۽ ٽيئي شهيد ٿي ويا.ڪوهاٽ ڊويزن ريجنل پوليس آفيسر (آر پي او) عباس مجيد هنگو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ هنگو ۽ ڪوهاٽ جي ٻين ضلعن ۾ پوليس سيڪيورٽي هاءِ الرٽ تي آهي، آر پي او موجب، پوليس علائقي ۾ سرچ اينڊ اسٽرائڪ آپريشن ڪري رهي هئي ۽ صبح 10 وڳي کان نشانو بڻايل چيڪ پوسٽ کان 100 ميٽر جي مفاصلي تي هڪ هنڌ کي گهيري ۾ رکيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو