ڪراچي، )اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سُکديو همناني هوليءَ جي موقعي تي چيو ته سنڌ حڪومت مذهبي آزادي ۽ اقليتن جي حقن لاءِ پنهنجي عزم جو اعادو ٿي ڪري، سنڌ حڪومت جي ترجمان سکديو همناني سنڌ جي هندو برادري کي هوليءَ جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني ۽ هن تہوار کي هم آهنگي ۽ سنڌ جي گڏيل ثقافتي ورثي جو جشن قرار ڏنو۔ سکديو همناني جي سفارش تي، سنڌ پوليس جي انسپيڪٽر جنرل هولي دوران هندو برادري جي عبادتگاهن ۽ گڏيل هنڌن تي مڪمل سيڪيورٽي، جنهن ۾ حفاظتي ۽ خاص قدم شامل آهن، يقيني بڻائڻ لاءِ هدايتون پڻ جاري ڪيون آھن۔ همناڻي وڌيڪ ٻڌايو ته صدر آصف علي زرداري جي اپيل تي ۽ موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي، سنڌ جي هندو برادري هن سال هولي جون تقريبون منسوخ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيئن مسلمان ڀائرن سان هڪجهڙائي ڏيکاري وڃي ۽ رمضان جي حرمت جو احترام ڪيو وڃي۔ سنڌ حڪومت هندو برادري لاءِ 3 ۽ 4 مارچ تي سرڪاري موڪل جو به اعلان ڪيو آهي. همناني چيو ته “سنڌ پاڪستان جي هندو آبادي جو وڏو مرڪز آهي، ۽ هي تنوع اسان جي گڏيل سڃاڻپ جو حصو آهي.” هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پي پي پي جي سنڌ حڪومت برابري، وقار ۽ شموليت جي قدرن کي فروغ ڏئي ٿي۔ ان نظرئي جي مطابق، پاڪستان پيپلز پارٽي غير امتيازي پاليسين ۽ قانونن ذريعي اقليتن جي حمايت کي يقيني بڻايو آهي، جهڙوڪ سنڌ هندو میرج ترميمي ايڪٽ, اقليتن لاءِ آئيني طور محفوظ نوڪريون ۽ صوبي جي ترقياتي منصوبن ۾ اقليتي برادرين جي شموليت۔ ھمناني زور ڏنو ته پي پي پي اقليتن جي سياسي شموليت کي يقيني بڻايو آهي، جنهن ۾ عام نشستن تي اميدوار کڻي اچڻ، سينيٽ ۾ نمائندگي وڌائڻ، ۽ 11 آگسٽ کي اقليتن جو قومي ڏينهن قرار ڏيڻ شامل آهن۔ هن اعادو ڪيو ته سنڌ سدائين پاڪستان ۾ برداشت ۽ مذهبي هم آهنگي جي علامت جي سڀ کان وڏي علامت رهندو.










