نيو ڪراچي ۽ لڪي اسٽار وٽ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو

نيو ڪراچي ۽ لڪي اسٽار وٽ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي گوڌرا ۾ لڪي اسٽار جي ويجهو ڪپڙي جي گودام ۽ هڪ عمارت ۾ باهه لڳي وئي.فائر آفيسر موجب ڪپڙي جي گودام ۾ باهه وسائڻ لاءِ 7 فائر ٽينڊر ۽ پاڻي جا ٽينڪر استعمال ڪيا ويا، هڪ رهائشي پلاٽ ۾ پراڻن ڪپڙن جو گودام ٺاهيو ويو هو.هن چيو ته رهائشي پلاٽن تي ڪمرشل سرگرميون مسئلا پيدا ڪن ٿيون، باهه جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو، پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.ٻئي طرف، ڪراچي جي علائقي صدر ۾ لڪي اسٽار جي ويجهو هڪ عمارت ۾ هڪ فليٽ جي گيزر ۾ باهه لڳي وئي.ان حوالي سان فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته شارٽ سرڪٽ سبب لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي، پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.فائر برگيڊ عملدارن چيو آهي ته فائر ٽينڊر جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو