نوازشريف جي نامزدگي پيپر جي منظوري ٽربيونل ۾ چيلينج

نوازشريف جي نامزدگي پيپر جي منظوري ٽربيونل ۾ چيلينج

لاهور: (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن تي ريٽرننگ آفيسر جي فيصلن خلاف اپيلون داخل ڪرڻ جو سلسلو سڄي ملڪ ۾ جاري آهي.مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف جي اين اي 130 لاهور تان نامزدگي ڪاغذن جي منظوري کي چيلينج ڪيو ويو آهي، ڪاغذن جي منظوري خلاف ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪئي وئي آهي.نوازشريف جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل پاڪستان عوامي محاذ جي سربراهه ايڊووڪيٽ اشتياق چوڌري داخل ڪئي.اپيل ڪندڙ پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته نوازشريف کي سپريم ڪورٽ تاحيات نااهل قرار ڏنو آهي جنهن کان پوءِ نواز شريف چونڊون وڙهڻ لاءِ اهل نه رهيو آهي. ريٽرننگ آفيسر حقيقتن جي ابتڙ نوازشريف جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو