نوابشاهه (ن س )نوابشاهه ۾ مهراڻ هاءِ وي تي سخت ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو فوت ٿي ويا.پوليس موجب، حادثو مهراڻ هاءِ وي بوچيري علائقي ۾ پيش آيو جڏهن ڪوهيڙي سبب ٻه گاڏيون ٽڪرائجي ويون.حادثي ۾ 3 ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 ٻار زخمي ٿيا ۽ انهن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوت ٿيلن جو تعلق نوابشاهه جي ٻاهرئين علائقي سان هو.ٻئي طرف، ڪوهيڙي سبب پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اپر سنڌ جي مختلف علائقن ۾ موٽر وي بند ڪيا ويا.آفيسرن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي شهرن ۾ گاڏي هلائڻ خطرناڪ ٿي ويو آهي، انتهائي گهٽ حد نظر ۽ حادثن جي خدشي سبب موٽر وي تي ٽريفڪ بند ڪئي وئي آهي.ايم 1 پشاور ٽول پلازه کان برهان بند ڪيو ويو، ايم 2 ٺوڪر نياز بيگ کان بلخسر، ايم 3 فيض پور کان درخانه بند ڪيو ويو.ايم 4 شير شاهه کان پنڊي ڀٽيان ۽ ايم 5 روهڙي کان شير شاهه بند ڪيو ويو، ايم 11 تي ٽريفڪ پڻ معطل آهي.










