مٺي (رپورٽ: صادق بجير) ننگرپارڪر ويجهو ٻن نوجوانن جا هڪ ئي وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، خودڪشي جا چوٻول، تفصيل موجب: ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ آڌيگام ڀرسان ٻن نوجوانن جا وڻ سان ٽنگيل لاش هٿ آيا آهن، اطلاعن موجب فوتين جي سڃاڻپ ڏيارام ڪولھي ۽ نينگري ونو ڪولھي طور ٿي آهي. واقعي جي اطلاع ملندي ئي ننگرپارڪر پوليس جاءِ واردات تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي بعد پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ننگرپارڪر منتقل ڪري ڇڏيا. پوليس موجب ابتدائي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته پسند جي شادي نه ٿيڻ سبب پريمي جوڙي اجتماعي خودڪشي ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڇوڪري جي ونواه جي رسم هڪ ٻن ڏينهن اندر ٿيڻ واري هئي، جڏهن ته ٻنهي نوجوانن جون شاديون الڳ الڳ هنڌن تي طئي ٿيل هيون. جنهن تان پسند جي شادي نه ٿيڻ تي ٻنهي نوجوانن اهڙو قدم کنيو آهي، ايس ايڇ او ننگرپارڪر پيتامبر جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد جيڪڏهن ڪو ٻيو پاسو سامهون آيو ته وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي!










