دادو:(ن س) دادو جي عدالت ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نادر جمالي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته نادر جمالي جي وارثن پاران 22 اي بي جي درخواست تي سيشن ڪورٽ دادو ۾ ٻڌڻي مقرر هئي نادر جمالي جا وارث، ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي، ايف آئي اي ٽيم عدالت پھتا، الزام هيٺ آيل ڊي ايس پي سلطان چانڊيو، اڳوڻي سي آءِ اي انچارج انسپيڪٽر بينظير جمالي، اڳوڻو ايس ايس ايڇ او خليل مسڻ، اڳوڻو ون فائيو انچارج شاهد پنهور ۽ ٻيا اهلڪار عدالت پھتا جڏھن ته زاهد حسين ميتلو جي عدالت پاران ايندڙ حاضري 17 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.عدالت پاران نئين تاريخ ملڻ بعد عدالت ٻاهران اڻڄاتل ماڻھن پاران پوليس اهلڪارن جي گاڏين جو گھيراءُ ڪيو ويو جنھن دوران سمورا اهلڪار عدالت مان نڪري ويا ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي پڻ ميڊيا کي موقف ڏيڻ کان سواءِ گاڏي ۾ روانو ٿي ويو، نادر جمالي ڪيس جي وڪيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ٻڌڻي تي ايف آئي اي ٽيم نه پهچي سگهي هئي ان لاءِ ڪورٽ اڄ جي تاريخ ڏني جنهن تي اڄ ٻڌڻي ٿي آھي جنھن ۾ مک پارٽي جيڪا ايف آئي اي آهي اهي شامل ٿيا آهن.وڪيل وڌيڪ ٻڌايو ته ڪورٽ چئي ٿي ته سنڌ حڪومت جي طرفان ليٽر پهتو آهي جنھن ۾ جڊيشل انڪوائري جو حڪم ٿيل آهي جنهن جي اجازت سنڌ هاءِ ڪورٽ کان وٺڻي آهي تنهن ڪري هاڻي جڊيشل انڪوائري ٿيڻي آهي انڪري هي درخواست هن وقت نه ٻڌي وڃي، جڏهن ته اسان چاهيون ٿا ته هي ڪيس ڪنهن ٻئي جج کي منتقل ڪيو وڃي جنهن تي عدالت پاران اها درخواست لکت ۾ گهري وئي آهي جيڪا عدالت ۾ اڄ جمع ڪرائي ويندي. ان موقعي تي نادر جمالي جي وارثن عدالت تي اعتماد ڪندي چيو آھي ته ڪورٽ سڳوري اسان سان ضرور انصاف ڪندي.










