نئون ڳوٺ جي اگهاماڻي واھ مان نامعلوم لاش ھٿ

نئون ڳوٺ جي اگهاماڻي واھ مان نامعلوم لاش ھٿ

نئون ڳوٺ (رپورٽر) نئون ڳوٺ ويجهو اگهاماڻي واھ مان مليل نامعلوم شخص جي لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. مليل لاش جي سڃاڻپ بابر علي ولد ديدار علي ڪلهوڙو جي نالي سان ٿي آهي واقعي جا وڌيڪ تفصيل اڄ صبح جو اگهاماڻي واھ مان هڪ لاش هٿ آيو هو جنهن جي اطلاع تي شاھ پنجون پوليس ۽ ڳوٺ اگهاماڻي سميت آسپاس جي رهواسين وڏي انگ ۾ پهچي لاش کي واھ مان ٻاهر ڪڍيو شروعاتي طور تي لاش جي سڃاڻپ نہ پئي ٿي سگهي جنهن ڪري علائقي ۾ بي چيني هئي سڃاڻپ ۽ وارثن جي ڄاڻ پوليس ۽ مقامي ماڻهن جي ڪوششن سان مقتول جي سڃاڻپ ڳوٺ باليشاھ جي رهواسي بابر علي ڪلهوڙو طور ٿي آهي سڃاڻپ ٿيڻ کانپوءِ مقتول جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي ۽ سندس وارث واقعي واري هنڌ پهچي ويا جاچ جو عمل شاھ پنجون پوليس پاران واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي پوليس جو چوڻ آهي تہ لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي اهو معلوم ڪيو پيو وڃي تہ نوجوان جو موت حادثاتي طور واھ ۾ ٻڏڻ سبب ٿيو آهي يا ان پويان ٻيا ڪي ڪارڻ آهن پوليس واقعي بابت وڌيڪ تفصيل گڏ ڪرڻ لاءِ وارثن ۽ ڳوٺاڻن کان پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي اڃا تائين مڪمل تفصيل سامهون نہ اچي سگهيا آهن تہ نوجوان واهه تائين ڪيئن پهتو وڌيڪ معلومات لاءِ ڪوششون جاري آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو