ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته آزاد ۽ ذميوار ميڊيا جمهوريت جو بنياد آهي. اطلاعات کاتي جي اهم اجلاس ۾ ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته صوبائي حڪومت ميڊيا سان مضبوط ۽ بااعتماد لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿي.هن چيو ته صحافين جي ڀلائي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ميڊيا ادارن کي پيش مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. شرجيل ميمڻ کاتي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ ڊجيٽل ميڊيا کي هٿي ۽ ميڊيا بابت منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.










