ميهڙ (ن س)ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي برهان چانڊيو جو وڪيل پيش نه ٿيڻ سبب ٻيهر ملتوي ٿي وئي، دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو،برهان چانڊيو جي وڪيل شهاب الدين سرڪي جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت چيو ته توهان جو وڪيل نه ٿو اچي ته توهان کي سرڪاري وڪيل ڏيون؟ برهان چانڊيو جي جونيئر وڪيل چيو ته شهاب الدين سرڪي سپريم ڪورٽ ويل آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي ضرور پيش ٿيندو،عدالت ٻڌڻي 28 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود عدالتي احاطي ۾ سول ڪپڙن ۾ ڪيترائي هٿياربند موجود نظر آيا، قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن پاران واڳيل ٿاڻن جي پوليس کي اطلاع ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند هڪ ڪيس ۾ پيش ٿيندڙ حيدرآباد جي ايس ايڇ او نثار احمد برهماڻي سان گڏ آيا آهن، ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس ۾ ام رباب جا گواهه بيان بدلائي رهيا آهن، گواهن پهرين لکت ۾ هڪڙو بيان ڏنو هو، هاڻي وري ٻيو بيان ڏئي رهيا آهن، سڄو ڪيس ئي ڪوڙن تي ٻڌل آهي: اڳوڻي ايم پي اي سردار چانڊيو جون دادو جي عدالت ۾ ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهيون، سردار چانڊيو چيو ته پاڻ کي وڪيل سڏائيندڙ ادي ام رباب 6 سالن دوران قانون جي ڊگري به نه وٺي سگهي آهي، اسان قانون موجب عدالت ۾ حاضريون ڀري رهيا آهيون…اسان جا گواهه ڪوڙ پيا ڳالهائين ته پوءِ سردار عدالت مان ڇو ڀڄي رهيا آهن؟ سردارن جا وڪيل عدالت ۾ ڇو پيش نه ٿا ٿين؟ ام رباب جون ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ۾ دادو جي عدالت آڏو پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهيون، ام رباب چيو ته سردارن کي عدالت مان ڀڄڻ نه ڏينداسين، اڄ عدالتي احاطي ۾ سول ڪپڙن ۾ هٿياربند به موجود هئا، آءِ جي سنڌ کي چئون ٿا ته معاملي جو نوٽيس وٺي.










