ميرپورماٿيلو فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

ميرپورماٿيلو فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

ميرپور ماٿيلو( رپورٽر) ميرپور ماٿيلو وچ شھر جي ڪوثر ڪالوني ۾ ھٿياربندن جي ڪاھ ڪولاچي برادري جي چڱي مڙس ابرار ڪولاچي جي گھر ۾ داخل ٿي گوليون هڻي باساني فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ابرار ڪولاچي سخت زخمي ٿيڻ بعد زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ڪولاچي برادري سميت سياسي سماجي اڳواڻن پاران جوابدارن جي گرفتاري ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي جي نااهلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو ميرپور ماٿيلو ايس ايس پي ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو خلاف ڇتي نعريبازي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو تفصيل موجب ايس ايس پي گھوٽڪي ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو بدر الدين ٻرڙو امن و امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويا آهن ان سلسلي ۾ گزريل ڏينهن صبح جو پنج وڳي ڌارين ميرپور ماٿيلو ٿاڻي ڀرسان ڪوثر ڪالوني ۾ پنج کان وڌيڪ ھٿياربندن مرحوم سردار محمد مراد خان ڪولاچي جي پٽ ابرار خان ڪولاچي جي گھر تي چڙهائي ڪري گھر اندر داخل ٿيڻ بعد معصوم ٻارڙن کي پري ڪري ابرار ڪولاچي کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو اھڙي قسم جو اطلاع ڏيڻ باوجود ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو واقعي واري هنڌ نه پهتو جنھن بعد وارثن کڻائي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو منتقل ڪيو جتي سھولتن جي اڻهوند سبب رحيم يار خان اسپتال ريفر ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو جنھن جي لاش کي پرائيويٽ ايمبولينس ذريعي ميرپور ماٿيلو آندو ويو ٻي پاسي اھڙي ڏکائيندڙ واقعي بعد ڪولاچي برادري جي سوين ماڻهن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو پھچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ايس ايس پي گھوٽڪي ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو بدر الدين ٻرڙو خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي جنهن بعد مقتول جو لاش رکي قومي شاهراهه تي پڻ ڌرڻو ھنيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول جي ڀاءُ ديدار علي عرف ڪوڙو خان ڪولاچي منصور ڪولاچي ، مقصود ڪولاچي اڪرم ميتلو جسقم اڳواڻ فقير رمضان ڪلوڙ ڪمال مھر مير حسن لاشاري ۽ ٻين چيو ته ايس ايس پي گھوٽڪي ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو امن و امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو آهي سر عام ڏينهن ڏٺي جو ھٿياربند گھر ۾ داخل ٿي نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن جيڪا ظلم ۽ لاقانونيت جي انتھا آھي ھنن چيو ته ايس ايس پي گھوٽڪي جي نااهلي سبب شھري گھرن ۾ غير محفوظ بڻجي ويا آهن پوليس ڏوھارين خلاف ڪاروايون ڪرڻ بجاء منشيات جي اڏن تان منٿليون وٺڻ تائين محدود ٿي وئي آهي ھنن مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي شھيد ابرار ڪولاچي جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن ۽ سھولتڪارن کي گرفتار ڪري ايس ايس پي گھوٽڪي انور کيتران ۽ ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو بدر الدين ٻرڙو کي معطل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڪولاچي برادري پاران سموري پاڪستان اندر احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

ميرپور ماٿيلو ( رپورٽر) ميرپور ماٿيلو ويجھو نيشنل ھاء وي تي نئون روڊ وٽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت ٻه ڄڻا زخمي لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو ويجھو نيشنل ھاءِ وي تي نئون روڊ وٽ گزريل ڏينهن ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل جي ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڄام محمد علي لکڻ واسي نوجوان رحمت الله لکڻ پٽ سونهارو لکڻ فوت ٿي ويو آهي جڏھن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا اطلاع تي پوليس پھچي نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو