ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ رات گل پلازا پهتو، جتي هن ريسڪيو عملدارن کي گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن تصديق ڪئي ته لڳ ڀڳ 20 لاشن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، ايجنسيون ريسڪيو آپريشن لاءِ موجود آهن. سڀئي ادارا الرٽ آهن، ڇت تي گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن کي هٽائڻ جو ڪم جاري آهي.ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته 80 ماڻهو گم آهن، ڳولا جو عمل جاري آهي، هن واضح ڪيو ته سڀئي گم ٿيل ماڻهو ڳولڻ تائين ريسڪيو آپريشن جاري رهندو. اضافي دڪانن جي تعمير جي جاچ ڪئي ويندي.










