ميئر جي هدايتن تي واٽر ڪارپوريشن پاران انتظام مڪمل

ميئر جي هدايتن تي واٽر ڪارپوريشن پاران انتظام مڪمل

ڪراچي(رپورٽر)ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب جي خاص هدايتن تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن شبِ برات جي موقعي تي شهر ڀر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا. واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب شبِ برات جي موقعي تي شهرين کي ڪنهن بہ قسم جي تڪليف کان محفوظ رکڻ لاءِ خاص قدم کنيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ سي اي او واٽر ڪارپوريشن احمد علي صديقي ٻڌايو تہ سموري شهر ڀر ۾ پاڻي جي فراهمي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري آهي جڏهن تہ قبرستانن، مزارن، عبادت گاهن ۽ مسجدن جي آسپاس پڻ خاص انتظام ڪيا ويا آهن. هن چيو تہ قبرستانن ۽ عبادت گاهن جي چوڌاري نيڪالي سان لاڳاپيل مليل سمورين شڪايتن جو مڪمل طور تي ازالو ڪيو ويو آهي. سي اي او وڌيڪ ٻڌايو تہ شبِ برات جي رات قبرن تي پاڻي وجهڻ لاءِ بہ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پاڻي جي فراهمي جاري رکي آھي. ان مقصد لاءِ واٽر ٽينڪرن ذريعي پڻ خاص انتظام ڪيا ويا آهن تہ جيئن شهرين کي پاڻي جي کوٽ کي منهن نہ ڏيڻو پوي. سي او او انجنيئر اسدالله خان ٻڌايو تہ قبرستانن جي آسپاس شهرين لاءِ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي خاطر سبيلون پڻ قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو تہ هائيڊرنٽس سيل جو انچارج اياز حسين تنيو سمورن انتظامن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي جڏهن تہ فوڪل پرسن ٽو ايم ڊي براءِ هائيڊرنٽس سيل شهباز بشير قبرستانن ۽ مسجدن ۾ پاڻي جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ موقعي تي موجود رهندو. ترجمان موجب واديِ حسين، ميوا شاھ، عيسيٰ نگري، سخي حسن، محمد شاھ، نيو ڪراچي، لياقت آباد، خاموش ڪالوني، سچل ڳوٺ، پهلوان ڳوٺ، ڪورنگي، شاھ فيصل ۽ ماڊل ڪالوني جي قبرستانن ۾ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو