مهراڻ هاءِ وي تي ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻارن سميت 8 ڄڻا فوت

مهراڻ هاءِ وي تي ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻارن سميت 8 ڄڻا فوت

حيدرآباد (ن س )حيدرآباد ويجهو مهراڻ هاءِ وي تي ڪار ۽ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ اٺ ماڻهو فوت ٿي ويا.ايس ايس پي موجب حادثي ۾ ٻه ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن، جڏهن ته فوت ٿيندڙن ۾ ٻه مرد، هڪ عورت، ٽي ڇوڪريون ۽ ٻه ٻار شامل آهن.ايس ايس پي موجب لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.شروعاتي طور تي حادثي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو