اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڄ ملڪ جي مختلف حصن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي،اسلام آباد جي ڪجهه علائقن ۾ گذريل رات دير سان برسات پئي، جڏهن ته بنون ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ ڪڪر به ڪري پيا.موسميات کاتي موجب، اڄ اسلام آباد، اپر پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي.مينهن جي ڪري دريائن ۽ واهن ۾ ٻوڏ جو خطرو پڻ آهي.فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن موجب، سنڌو درياءَ ۾ گڊو ۽ سکر بئراج تي گهٽ درجي جي ٻوڏ آهي، جڏهن ته باقي درياءَ پنهنجي لاڳاپيل هيڊ ورڪ تي معمول مطابق وهي رهيا آهن،










