مضبوط پارليامينٽ مضبوط جمهوريت جي ضمانت هوندي آهي

مضبوط پارليامينٽ مضبوط جمهوريت جي ضمانت هوندي آهي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) جهڙي اهم ڪانفرنس کي خطاب ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي۔ هن چيو ته دنيا هن وقت فيصلائتي عالمي تبديليءَ جي دور مان گذري رهي آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جمهوري ادارن جو ڪردار اڳ کان وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي۔ سي پي اي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ بروقت ۽ بامقصد فورم جي انعقاد تي ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن ۽ سنڌ صوبائي اسيمبلي کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ سنڌ صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر جي مدبراڻي قيادت کي ساراهيندي چيو ته سندن رهنمائي هيٺ اسيمبلي پارلياماني روايتن ۽ بين الاقوامي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي۔ هن چيو ته سي پي اي ڪانفرنس جمهوري ڳالھ ٻولھ ۽ سٺي حڪمراني سان وابستگي جو واضح اظهار آهي، جڏهن ته اڄ پارلياماني جمهوريت کي اعتماد جي کوٽ، سياسي ورهاست ۽ ڊجيٽل ۽ ماحولياتي چيلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔ سندس چوڻ هو ته “مستقبل جون پارليامينٽون” جي موضوع تي هي ڪانفرنس انتهائي بروقت ۽ ضروري آهي، ڇو ته اعتماد جمهوريت جي بنياد آهي، جيڪو شفافيت ۽ جوابدهي وسيلي وڌندو آهي۔ هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ قانون سازي جي نگراني ۽ پارلياماني شفافيت وڌائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن ۽ مضبوط پارليامينٽون ئي مضبوط جمهوريتن جي ضمانت هونديون آهن۔ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شموليت کانسواءِ جمهوريت ڪمزور ٿي وڃي ٿي، ان ڪري سنڌ صوبائي اسيمبلي عورتن جي شموليت ۽ قيادت جي واڌ ويجهه لاءِ عملي قدم کنيا آهن۔ هن موجب شموليت ڪا چونڊ نه، پر جمهوري ذميواري آهي۔ هن ماحولياتي تبديليءَ کي دورِ حاضر جو وڏو چيلينج قرار ڏيندي چيو ته سنڌ ٻوڏن، ڏڪار ۽ ماحولياتي زوال سبب انتهائي متاثر علائقو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قانون سازي ۾ ماحولياتي مزاحمت کي انصاف ۽ انساني حقن سان جوڙي ڏٺو پيو وڃي۔ هن چيو ته جدت مستقبل جي جمهوريت جي طرف طئي ڪندي ۽ ڊجيٽل ذريعا پارلياماني شفافيت ۽ عوامي رابطن لاءِ نوان موقعا فراهم ڪن ٿا۔ سندس چوڻ موجب سنڌ ۾ جديد پارلياماني نظام ۽ مصنوعي ذهانت بابت غور ويچار جي شروعات ٿي چڪي آهي۔ شرجيل انعام ميمڻ زور ڏيندي چيو ته امن جمهوري ڪوششن کي هڪ لڙي ۾ پروئي ٿو ۽ پارليامينٽن کي ڳالھ ٻولھ ۽ اتفاقِ راءِ جا مرڪز هجڻ گهرجن، جڏهن ته سي پي اي جهڙا پليٽ فارمز امن ۽ علائقائي سهڪار لاءِ انتهائي اهم آهن۔ هن چيو ته هي ڪانفرنس جمهوري بحالي لاءِ گڏيل عزم جي علامت آهي ۽ ڪراچي چارٽر ڳالهه ٻولهه کي عملي قدمن ۾ بدلائڻ لاءِ رهنمائي فراهم ڪندو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو