ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سابق ڊي آءِ جي مرحوم منظور احمد مغل جي نالي سان منسوب عمارت جو افتتاح ڪيو. هي عمارت ڊي آءِ جي ڪرائم اينڊ انويسٽيگيشن آفيس ۾ قائم ڪئي وئي آهي.افتتاحي تقريب ۾ پاڪستان جي اڳوڻي چيف جسٽس جسٽس (ر) انور ظهير جمالي، اڳوڻو گورنر سنڌ ليفٽيننٽ جنرل (ر) معين الدين حيدر، ايڊيشنل آءِ جيز (ڪراچي، آپريشن، اسپيشل برانچ)، سيڪريٽري اطلاعات سنڌ ندیم الرحمان میمن، ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز، سينيئر سرڪاري آفيسر، مرحوم ڊي آءِ جي جا گهرڀاتي، دوست ۽ مائٽن سميت ڪيترن ئي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي گورنر سنڌ ليفٽيننٽ جنرل (ر) معين الدين حيدر، ايڊيشنل آءِ جيز ۽ مرحوم ڊي آءِ جي جي فرزند منظور احمد مغل جي زندگي، خدمتن ۽ نمايان ڪارنامن تي تفصيلي روشني وڌي ۽ کيس ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪيو.ان موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته منظور مغل صاحب سندس لاءِ وڏو ڀاءُ، استاد ۽ مخلص دوست هئا. هن چيو ته مشڪل کان مشڪل جاچ وارا ڪيس منظور مغل صاحب حوالي ڪيا ويندا هئا، جيڪي هو پنهنجي تجربي، دانائي ۽ پيشه ورانه صلاحيتن سان ڪاميابي سان حل ڪندا هئا.آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته پوليس کاتي ۾ منظور مغل صاحب جي جاچ صلاحيتن بابت ڪڏهن به ٻه رايا نه رهيا. ڪنهن به مشڪل صورتحال ۾ هو فوري طور رهنمائي ۽ خلوص سان مدد لاءِ موجود هوندا هئا.هن ٻڌايو ته هي بلاڪ مرحوم منظور احمد مغل جي پوليس فورس ۽ ڪميونٽي لاءِ ڏنل بي مثال خدمتن جي اعتراف طور سندس نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي.










