اپوزيشن ليڊر جو عهدو خالي، پي ٽي آءِ وارا ڪميٽين مان فارغ

اپوزيشن ليڊر جو عهدو خالي، پي ٽي آءِ وارا ڪميٽين مان فارغ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي خالي جاءِ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران هيٺين ايوان ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي خالي جاءِ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت عمر ايوب کي 9 مئي جي ڪيسن ۾ سزا ٻڌائي هئي، جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز سميت 9 پارليامينٽ ميمبرن کي نااهل قرار ڏنو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر نئين مخالف ڌر جي اڳواڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو، پي ٽي آءِ جي آزاد ميمبرن کي پارلياماني اڳواڻ ۽ ڊپٽي پارلياماني اڳواڻ لاءِ ٻيهر نامزدگي ڏيڻي پوندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر ايوب کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي فنانس ڪميٽي مان به خارج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي 7 نااهل ميمبرن کان اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرشپ واپس ورتي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اسيمبلي جي 7 پي ٽي آءِ ميمبرن کان 15 اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ميمبرشپ واپس ورتي وئي آهي.ذريعن موجب صاحبزاده حامد رضا جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين شپ ختم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زرتاج گل انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرشپ وڃائي چڪي آهي. راءِ حسن نواز جي ريلوي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين شپ به ختم ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو