ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سميتا افضال سيد حافظ نعيم الرحمان جي بيان کي غير ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن جي تڪليف کي سياسي ايجنڊا لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي هڪ بيان ۾ سميتا افضل چيو ته سنڌ جو وڏو وزير ذاتي طور تي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي، دير جا الزام بي بنياد آهن، ۽ حڪومت شهر جي تحفظ ۽ بهتري لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي هن چيو ته چونڊيل نمائندن کي مافيا سڏڻ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ آهي ۽ جماعت اسلامي کي مقامي حڪومت جي دور ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جو جواب ڏيڻ گهرجي.










