ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ماهيگيرن جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ لاءِ خصوصي معاون سردار حسين اسلم ڀٽي فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جو دورو ڪيو، جتي هن چيئرپرسن ميڊم فاطمه مجيد سان اهم ملاقات ڪئي۔ملاقات دوران انهن ماهيگيرن جي بحالي بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو هو، ته جيئن کين ٻيهر باعزت روزگار فراهم ڪري سگهجي۔ان موقعي تي ميڊم فاطمه مجيد يقين ڏياريو ته متاثر ماهيگيرن کي ٻيهر نوڪريون ڏنيون وينديون ۽ سندن مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا۔فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جا چونڊيل ۽ نامزد ڊائريڪٽرز پڻ ملاقات ۾ موجود هئا، جن هن منصفاڻِي ۽ انساني قدم جي ڀرپور حمايت ڪئي۔ملاقات خوشگوار، مثبت ۽ اميدن سان ڀرپور ماحول ۾ ٿي، جتي پاليسي معاملن سان گڏ عوامي خدمت ۽ ذميواري جي احساس تي به زور ڏنو ويو۔سردار حسين اسلم ڀٽي ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت، خاص طور چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي هميشه ماهيگير برادري جي حقن لاءِ آواز اٿاريندي رهي آهي۔ هن اميد ظاهر ڪئي ته هي قدم ماهيگيرن جي اعتماد، عزت ۽ روشن مستقبل جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو۔










