سوات (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي قبائلي ضلعي مالاڪنڊ ۾ سوات موٽر وي جي سرنگ نمبر 3 جي ويجهو هڪ افسوسناڪ ٽريفڪ حادثو پيش آيو، جتي ٽرڪ اونڌي ٿيڻ سبب 15 ماڻهو فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا. فوتين ۽ زخمين ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار شامل آهن، ريسڪيو 1122 جي ترجمان شفيقه گل موجب حادثي جي اطلاع ملندي ئي، ريسڪيو 1122 مالاڪنڊ جي ميڊيڪل ريسپانس ٽيم فوري طور تي ايمبولينس سان گڏ حادثي واري هنڌ پهچي وئي. موٽر وي پوليس ۽ عملي پڻ واقعي واري هنڌ تي موجود هئا، جن بچاءُ جي سرگرمين ۾ حصو ورتو، گڏيل آپريشن دوران، موٽر وي پوليس ۽ عملي ڪجهه زخمين ۽ لاشن کي پنهنجين گاڏين ذريعي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال بتخيلا منتقل ڪيو، جڏهن ته ريسڪيو 1122 جي ٽيمن باقي متاثر ماڻهن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال بتخيلا منتقل ڪيو، اسپتال پهچڻ تي ڊاڪٽرن 15 ماڻهن جي موت جي تصديق ڪئي جڏهن ته 8 زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي، جن مان 4 سخت زخمين کي نازڪ حالت سبب سوات ريفر ڪيو ويو، شروعاتي معلومات موجب، متاثر ٿيل سڀئي ماڻهو سوات ضلعي جي بحرين تحصيل جي گبرال علائقي سان تعلق رکن ٿا، اهو هڪ خانه بدوش خاندان هو جيڪو موسمي طور تي مختلف علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندو هو، ترجمان موجب، حادثي جي نوعيت تمام سنجيده هئي، جڏهن ته، ريسڪيو 1122 مالاڪنڊ جي بروقت ۽ پيشه ورانه ڪارروائي جي ڪري، وڌيڪ جاني نقصان کي روڪڻ ممڪن ٿي سگهيو.










