لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي کي به شڪي خط مليو.ذريعن موجب جسٽس علي باقر نجفي کي مليل شڪي خط کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن کي مليل خطن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته شڪي خط سي ٽي ڊي حوالي ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن کان علاوه سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن کي به شڪي خطرا خط مليا آهن.ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي خط ۾ مليل پائوڊر جي فرانزڪ رپورٽ حاصل ڪري ورتي آهي، خط ۾ مليل پاؤڊر ۾ آرسينڪ جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي.رپورٽ ۾ ذريعن موجب خطن ۾ پائوڊر ۾ آرسينڪ جي مقدار 10 سيڪڙو ملي ٿي، پائوڊر ۾ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ آرسينڪ تمام زهريلو آهي، ان جي بوءَ سان انساني اعصاب تي سخت اثر پوي ٿو.










