لاش کڻي ڪراچي ويندڙ ايمبولينس جو بس سان ٽڪر، 3 ڄڻا فوت

لاش کڻي ڪراچي ويندڙ ايمبولينس جو بس سان ٽڪر، 3 ڄڻا فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)رحيم يار خان ۾ هڪ ٽريفڪ حادثي ۾ ٽي ماڻهو فوت ٿي ويا.ريسڪيو عملدارن موجب، هي افسوسناڪ واقعو ظهير پير انٽرچينج جي ويجهو پيش آيو جتي هڪ بس ۽ ايمبولينس ۾ ٽڪر ٿيو.ريسڪيو عملدارن چيو ته حادثي ۾ ٽي ماڻهو فوت ۽ ست زخمي ٿيا آهن. لاشن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ريسڪيو عملدارن موجب، حادثي جو شڪار ٿيندڙ ايمبولينس لاش کڻي ڪراچي وڃي رهي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو