اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري پاران اڄ سڏايل قومي اسيمبلي جو اهم اجلاس ڪورم نه هجڻ سبب ملتوي ڪرڻو پيو.اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندي ئي مخالف ڌر جي ميمبر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ محبوب جان ڪورم جي نشاندهي ڪئي.اسپيڪر اياز صادق جي حڪم تي ميمبرن جي ڳڻپ ڪئي وئي پر ڪورم پورو نھ مليو، اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪورم پورو ٿيڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي ۽ اتحادي پارٽين جي ميمبرن جو تعداد 240 آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪورم لاءِ ايوان ۾ 84 ميمبرن جي موجودگي ضروري آهي.










