اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ آرٽيڪل 144 جي ڀڃڪڙي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم خان سواتي جي ضمانت منظور ڪري ورتي.عدالت اعظم سواتي جي 5 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.وڪيل علي بخاري چيو ته اعظم سواتي کي ان ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ ٻئي ڏينهن ضمانت منظور ڪئي وئي، عدم پيشي تي ضمانت رد ڪري کيس ايڊمرل قرار ڏنو ويو، پوليس آفيسر کي ان ڪيس ۾ مدعي بڻايو ويو آهي جيڪو غير قانوني آهي.عدالت دليل ٻڌڻ بعد اعظم سواتي جي ضمانت منظور ڪري ورتي.










